سينٽرل بئنڪ آف انڊيا شڪارپور برانچ

سينٽرل بئنڪ آف انڊيا شڪارپور برانچ

سينٽرل بئنڪ آف انڊيا شڪارپور برانچ

سينٽرل بئنڪ آف انڊيا (شڪارپور برانچ): شڪارپور ۾ جيڪي عمارتون تاريخي لحاظ کان اهميت رکن ٿيون، انهن ۾ ’سينٽرل بئنڪ آف انڊيا شڪارپور‘ جي عمارت به شامل آهي. هيءَ بئنڪ 1914ع ۾ قائم ٿي، چيو وڃي ٿو ته اها سينٽرل بئنڪ آف انڊيا جي برانچ هئي. هيءَ عمارت اڄ به ڪاڪڙن جي ٿلهي شيخ محلي شڪارپور ۾ موجود آهي. بئنڪ جي هي عمارت 1948ع ۾ اڪبر علي شيخ 9200 روپين ۾ سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ آف پاڪستان کان خريد ڪئي. 1961ع ۾ ان عمارت ۾ ’گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول‘ قائم ٿيو. 1994ع تائين اهو اسڪول اتي ئي قائم رهيو. شيخ محلي ۾ نياڻين جي اسڪول نه هئڻ سبب اڪبر علي شيخ پنهنجي عمارت جو هيٺيون حصو بغير ڪنهن مسواڙ جي اسڪول لاءِ ڏنو، جتي اسڪول کليو ۽ شيخ محلي جي نياڻين جي لاءِ تعليم جو دروازو کُلي ويو. هن عمارت جي هيٺئين حصي ۾ هڪ وڏو هال، ٽي ڪمرا ۽ هڪ اسٽور روم آهي، عمارت جي پويان گرائونڊ پڻ آهي، جنهن جي ايراضي 60 X 30 جي لڳ ڀڳ ٿيندي. هن وقت هن عمارت ۾ شيخ برادريءَ جا ماڻهو رهائش پذير آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو